پير ضياءُ الدين شاهه راشدي

پير ضياءُ الدين شاهه راشدي: تحريڪ آزاديءَ جو نامور سياسي اڳواڻ پير ضياءُ الدين شاهه راشدي ولد پير رشدالله شاهه راشدي 27 رجب 1304هه مطابق 20 جون 1887ع تي ڳوٺ پير جهنڊي، تعلقي هالا ضلعي حيدرآباد (هاڻي مٽياري) ۾ ڄائو. پنهنجي ڳوٺ واري مدرسي دارالرشاد مان مولانا عبيدالله سنڌيءَ، مولانا نجم الدين، مولانا محمد صاحب احمداڻي، مولانا عبدالله لغاري ۽ حافظ امين محمد ڪڇيءَ کان پڙهي دستاربند ٿيو. سندس والد جي وفات کان پوءِ ڀائرن جا پاڻ ۾ گادي نشينيءَ تـان اختـلاف ٿي پيـا، جنهنـڪـري هـو پنهـنجـي زمين تي ڳوٺ نٿو ڪيريي تعلقي سڪرنڊ ۾ وڃي رهيو، هن ڪجهه وقت کان پوءِ مدرسي لاءِ حڪومت کي درخواست ڪئي، جنهن 1937ع ۾ سندس ئي حق ۾ فيصلو ڏنو، ان کان پوءِ هو واپس پنهنجي ڳوٺ جهنڊي ۾ اچي گادي نشين ٿيو ۽ مدرسي کي نئين سر تعمير ڪرائي علم جو فيض جاري رکيائين. سياسي تربيت پنهنجي والد ۽ پنهنجي استاد ۽ انقلابي اڳواڻ مولانا عبيدالله سنڌيءَ کان حاصل ڪيائين، جڏهن ’خلافت تحريڪ‘ جو آغاز ٿيو ته نه صرف ان ۾ عملي شرڪت ڪيائين، پر خلافتي عالمن طرفان جاري ڪيل ڪيترين فتوائن جي تصديق به ڪيائين، ان کان سواءِ تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ مالي مدد پڻ ڪيائين. تحريڪ خلافت جي ختم ٿيڻ کان پوءِ پير صاحب ’جمعيت العلماءِ‘ ۾ شموليت ڪري وطن جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙ ڪئي، هن بيت الحڪمت جي درس مان فيضياب ٿيڻ سان گڏوگڏ ’جمنا، نربدا، سنڌ ساگر پارٽيءَ‘ ۾ شريڪ ٿي پنهنجون سياسي سرگرميون جاري رکيون.
پير صاحب 15 فيبروري 1957ع تي وفات ڪئي.


لفظ پير ضياءُ الدين شاهه راشديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1887.06.20  عيسوي

پير ضياءُ الدين شاهه راشدي 27 رجب 1304هه مطابق 20 جون 1887ع تي ڳوٺ پير جهنڊي ، تعلقي هالا ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو


1957.02.15  عيسوي

پير صاحب 15 فيبروري 1957ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شمل خاتون
انجينئر جمال الدين وينجهر
احمد شاهه ذاڪري
سلمان طاهرعلامه
جمي ڪارٽر
تلوڪ تلسياڻي
بهادر خان کوکر
عبيدالله لاشاري
عثمان راهوڪڙو
شونالي ناگراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون